بيجنگ ??? 19 فيبروري (اي پي پي) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ چيني شاگردن کي مبينا طور تي هراسان ڪرڻ بند ڪري. فرانسيسي خابرو اداري مطابق چين جي ??بلڪ سيڪيورٽي جي ??زير وانگ شيائوهانگ گذريل ڏينهن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري ??لي??يندرومايورڪاس سان ويانا ۾ ملاقات دوران چيو ته آمريڪا کي ڪنهن به ظاهري سبب جي چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ انهن جي جاچ ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا تي زور ڏنو ته هو ملڪ ۾ داخلي دوران چيني شهرين سان منصفاڻو سلوڪ ڪندي انهن جي ??ڪمل وقار کي يقيني بڻائي. هن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري تي چين کي منشيات جي چرپر يا پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي ??سٽ ۾ شامل ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي درست ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. چين آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته صحيع سفري دستاويز رکندڙ چيني شهرين کي آمريڪي هوائي اڏن تي جارحاڻي پڇا ڳاڇا ۽ ملڪ بدري جو نشانو بڻايو ويندو آهي.
آمريڪا چيني شاگردن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري: چين جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ