رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ??يمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي و??ارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ??يمبر شپ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي و??ارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوا?? جي خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن ??ي مشتمل ??لسطيني رياست جي قيا?? جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي و??ري شهر اوڀر بيت المقدس ??ي مشتمل ??لسطيني رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا ??لجزائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ??يمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ??ن ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha