اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، اڄ به حقيقي تبديلي ۽ پاڪستان کي خوشحا?? بڻائڻ جي منزل پارلياما??ي ۽ جمهوري طرز سياست سان ئي ممڪن آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ ع??امه اقبال جي فڪر جي ابتڙ تبديلي جي ڪا به ڪوشش فڪري انتشار کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جشن آزادي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي مجله آهنگ جي آزادي نمبر جي اشاعت تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ سياسي، جمهوري ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ هڪ جدا ملڪ جي خواب کي شرمنده تعبير ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي جتي رهندڙ سمورا شهري بنا تعصب پاڪستاني رياست جا برابر شهري هجن، جنهن ۾ رنگ، نسل ۽ ع??يدي جي بنياد تي ڪو فرق نه هجي.
پاڪستان جو قيام جمهوري ۽ آئيني جدوجهد ذريعي ممڪن ٿيو: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے