اسلام آباد ??? 26 جنوري (اي پي ??ي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته انساني وسيلن تي سيڙپڪاري پائيدار ترقي جي ضامن آهي، تعليم اهو وا??د ذريعو آهي جيڪو انسان جو مستقبل حال کان بهتر بڻائي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه ايئر يونيورسٽ?? ۾ ???قومي معيشت جي ترقي ۾ تعليم جو ڪردار“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. جنهن ۾ ايئر مارشل فاروق حنيف، ايئر يونيورسٽي جو وا??يس چانسلر، ايئر وا??يس مارشل (ر) فائز امير ۽ معزز مهمانن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته علم جي فروغ لاءِ بحث جي آزاداڻي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آزاد بحث جي ذريعي ئي قومن تي ترقي جو دروازو کلي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن