حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪ??ي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو حافظ آباد پريس ڪ??ب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن س??ورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ