اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، خطي جو مستقبل امن، تعاون ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي، پاڪستان جي حڪومت فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا ??فغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڀارت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت نظرياتي طور تي اسان جي خلاف آهي ان لاءِ اسان جون ڪوششون نتيجن واريون نه ٿي سگهيون، افغان عوام جيڪا به حڪوم?? چونڊي پاڪستان ان سان گڏ لاڳاپا مضبوط ڪندو، اسان کي ماضي مان سبق سکي مستقبل طر?? وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي پاڪستان افغان واپار ۽ سيڙپڪاري فورم 2020ع جي افتتاحي سيشن کي ????اب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ