اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 908 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وڊ – 19 جا 29 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپخت??نخ??ا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تا??ين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??وڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??وڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب