اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين پاڪستان جي آئين تحت هر شه??ي کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي، رياست جا برابر شه??ي هجڻ جي ??اطي حڪومت اقليتن کي پنهنجون صلاحيتون ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، اسان جون پاليسيون بين العقائد هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي ??روغ تي آهن، حڪومت پاڪستان سمورن اقليتن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻندي رهندي ۽ بر??بر ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي. صدر ڪرسمس جي ??ناسبت سان پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته آئون ڪرسمس جي ??رمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ??سيحي برادري کي ڪرسمس ۽ نئين سال جي ??بارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ڪرسم?? پنهنجي ??يارن ۾ نعمتون ۽ خوشيون ورهائڻ جو ڏينهن آهي، اڄ اسان حضرت عيسيٰ عه کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪو پوري انسانيت لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت آهي، هن نه رڳو روحاني طور تي بيمار انسانيت کي شفا بخشي پر رواداري، محبت ۽ همدردي جي اعليٰ قدرن جي تلقين به ڪئي، هن ماڻهن کي نيڪ زندگي گذارڻ ۽ الله جي رحمت حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي، هن سڀني کي امن، محبت ۽ معافي جو پيغام ڏنو.
آئين تحت هر شهري کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena