اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ ح??صل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ??اض?? جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچستان تي خاص ڌيان جي ضرو??ت آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ ح??صل ٿيندو.
وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ